ٽنڊو آدم

ٽنڊو آدم: ضلعي سانگهڙ جو هڪ مشهور شهر ۽ تعلقو، جيڪو حيدرآباد شهر کان 43 ميلن جي مفاصلي تي، مين ريلوي لائين تي واقع آهي. هتي وڏي ريلوي اسٽيشن آهي. هن شهر جو بنياد 18 صدي عيسويءَ ۾ مير آدم خان مريءَ رکيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هتي ڪيتريون صنعتون قائم ٿيڻ سبب، شهر جي رونق وڌي وئي آهي. انهن صنعتن ۾ ڪپڙي جا ڪارخانا، ماچيس فئڪٽريون، هڏن جو ڪارخانو، ڪپهه ٽاڻڻ ۽ کنڊ ڊاهڻ جا ڪارخانا آهن. هتان جون پڪل گوشت جون رانون ملڪان ملڪ مشهور آهن. نيو علي ڳڙهه ڪاليج هتي جو معروف تعليمي ادارو آهي. حيدرآباد کان نواب شاهه ريلوي لائين جي مشهور اسٽيشن ۽ جنڪشن به آهي، ڪنهن وقت ٽنڊي آدم کان هالا، سعيد آباد ۽ پڊعيدن لائين تائين، ريل گاڏي به هلندي هئي، جيڪا هاڻي بند ٿي وئي. سنڌ جو مشهور گويو استاد منظور علي خان به ٽنڊي آدم ۾ رهندو هو ۽ اتي راڳ جي رياضت جو اسڪول قائم ڪيائين، جتان ڪيترائي شاگرد ڪامياب ٿي نڪتا. نامياري محقق عبدالله خان ورياهه جو تعلق به هن شهر سان هو. آدم خان مريءَ جو ٽنڊو (ٽنڊو آدم) شهر نه رڳو صنعت ۽ تجارت ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، پر تعليم جي ميدان ۾ به گهڻو اڳتي آهي. هن شهر ۾ هن وقت ٻه ڊگري ڪاليج، هڪ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج، اٺ هاءِ اسڪول، چار مڊل اسڪول ۽ ڪيترائي پرائمري ۽ ڪي جي (K-G) اسڪول آهن، جن جو وچور هن ريت آهي:
ڪاليج: (i) گورنمينٽ نيو علي ڳڙهه ڪاليج، ٽنڊو آدم. (ii) گورنمينٽ گرلز ڪاليج، ٽنڊو آدم. (iii) مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج، ٽنڊو آدم.
هاءِ اسڪول: (i) شاهه عبداللطيف گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ٽنڊو آدم. (ii) سر سيد گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ٽنڊو آدم. (iii) جامعه مليه گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ٽنڊو آدم. (iv) فاطمه جناح گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول، ٽنڊو آدم. (v) مولانا محمد علي جوهر ميونسپل هاءِ اسڪول، ٽنڊو آدم. (vi) حاجي روشن الدين بوائز هاءِ اسڪول، ٽنڊو آدم. (vii) حاجي روشن الدين گرلز هاءِ اسڪول، ٽنڊو آدم. (viii) حوا پبلڪ هاءِ اسڪول، ٽنڊو آدم.
مڊل اسڪول: (i) شاهه عبداللطيف گرلز مڊل اسڪول، لڳ جمن شاهه جتي. (ii) مرزا قليچ بيگ گورنمينٽ بوائز مڊل اسڪول، جٽيا پاڙو. (iii) مرزا قليچ بيگ گورنمينٽ گرلز مڊل اسڪول، جٽيا پاڙو.
ديني درسگاهون:
مدرسه عربيه مدينة العلوم: هيءُ مدرسو 1907ع ۾ قائم ٿيو. حضرت مولانا محمودالحسن راڻيپوريءَ هن مدرسي جي پيڙهه جو پٿر رکيو.
مدرسة البنات: هيءُ ڇوڪرين جو مدرسو 1994ع ۾ قائم ٿيو. اندرون سنڌ ۾ هيءُ پهريون مدرسو آهي، جنهن ۾ وفاق المدارس جي نصاب مطابق نياڻين جي عربي تعليم جو انتظام آهي، جنهن جو انتظام حافظ عبدالحق جي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ٿيو آهي.
مدرسه تعليم القرآن: هي مدرسو ملڪ امام الدين ’شوقين‘ جي تعاون ۽ خرچ سان تيار ٿيو، جتي حفظ ۽ ناظره قرآن مجيد جي تعليم ڏني ويندي آهي.
دارالعلوم فريديه: مولوي محمد عليءَ جي نگرانيءَ ۾ هيءُ مدرسو هلي رهيو آهي، جنهن ۾ حفظ ۽ ناظره قرآن جي تعليم ڏني وڃي ٿي.
مدرسه سيد محمد آفاق: هيءُ مدرسو قرآن شريف جي ابتدائي تعليم جو مدرسو آهي، جنهن جو بنياد مرحوم سيد محمد آفاق سال 1965ع ڌاري رکيو. هيءُ مدرسو ڪاليج ڪئمپس اندر مسجد ۾ آهي، جتي پهريائين مرحوم سيد محمد آفاق صبح جي وقت ٻارن کي قرآن شريف پڙهائڻ شروع ڪيو هو. سندس وفات بعد اهو مدرسو ساڳئي هنڌ اڄ به جاري آهي.
مدرسه جامعة العلوم مهديه (اهل تشيع) ٽنڊو آدم: هيءُ مدرسو سال 1993ع ڌاري قائم ٿيو، جيڪو شيعه فرقي سان تعلق رکندڙ، ”جامع مسجد شيعه، ٽنڊي آدم“ جي پيش امام مولانا علي محمد مريءَ جي ڪوشش سان چوٿين آگسٽ 1993ع تي قائم ڪيو ويو. هيءُ مدرسو ناريجا ڪاٽن فيڪٽريءَ ۾ ورتل پلاٽ تي قائم آهي.
مدرسه ندوت العلوم جامع مسجد ختم نبوت ٽنڊو آدم: هن مدرسي جو بنياد سال 1951ع ۾ پيو. هن مدرسي جو قائم ڪندڙ مولانا مفتي محمد شفيع ”مفتي اعظم پاڪستان“ هو. هن مدرسي مان قرآن پاڪ جا ڪيترائي حافظ پيدا ٿيا. هيءُ مدرسو هن وقت جامع مسجد ختم نبوت، ٽنڊي آدم جي خطيب مولانا حماديءَ جي اهتمام هيٺ هلي رهيو آهي.
مدرسه عربيہ قاسم العلوم: هيءُ مدرسو سال 1976ع ۾ قائم ٿيو. هن مدرسي جو بنياد وجهندڙ مولانا عبدالله درخواستي هو ۽ باني حافظ گل محمد ٽالپر هو، جو 25 آڪٽوبر 1996ع تي وفات ڪري ويو، جنهن کان پوءِ ان جو اهتمام حاجي جي هٿ هيٺ هو.
مدرسه تعليم القرآن: هيءُ مدرسو سال 1989ع ۾ قائم ٿيو. هن مدرسي جو باني ۽ مهتمم قاري عبدالهادي هو.
مدرسه دارالعلوم ختم نبوت: هيءُ مدرسو سال 1991ع ۾ وجود ۾ آيو. سندس باني ۽ مهتمم مفتي حفيظ الرحمان ۽ سرپرست اعليٰ مولانا حمادي آهن.
مدرسه عربيه محمديه، ڳوٺ سچيڏنو ورياهه: هن مدرسي جي ابتدا 8 صفر سال 1361هه/ 1943ع ۾ ٿي. هن مدرسي ۾ اٺن سالن تائين قرآن شريف جو حفظ، ناظره تعليم ۽ مولانا فتح محمد سيوستانيءَ جي مذهبي ڪتابن، تاريخ ۽ جاگرافيءَ وغيره جو درس ڏنو ويندو هو ۽ ڏهين رجب سال 1369 هه/ 1951ع کان وٺي هن ۾ عربي تعليم شروع ڪئي وئي، جا هن وقت تائين جاري آهي.
هن نالي سان ضلعي سانگهڙ جي تعلقي ٽنڊي آدم ۾ هڪ ديهه موجود آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: محمد خان لنجواڻي، فقير محمد شريف، ڪرنل محمد حنيف، محمد فاروق، عبدالشڪور، حاجي محمد علي راڄڙ، سائين ڏنو خاصخيلي ۽ مٺو خان مري.


لفظ ٽنڊو آدمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو